SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جنگي هنر جو اڀياس


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


جنگي هنر جو اڀياس

Strategic Studies

اسٽرئٽيجڪ اسٽڊيز

هي علم سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جنگي هنر۽ طريقن جي استعمال تي زور ڏئي ٿو. هن علم مطابق رياستن جي وچ ۾ قومي مُفاد ماڻڻ جي ڊوڙ اڻ ٽر آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ رياستن جي وچ ۾ هر قسم جي زورآزمائيءَ جا پڌرا امڪان آهن. انهيءَ ڪري فوجي طاقت جو عقلمنديءَ سان استعمال ئي ڪنهن رياست کي بين الاقوامي برادريءَ ۾ اهميت ڏياري سگهي ٿو. مُختلف وقتن تي مُختلف ماهرن هن علم جي استعمال تي مُختلف رايا ڏنا آهن، پر عام طور تي هن کي Policy Science طور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ”ٿڌيءَ ويڙهه“ وارو وقت هن علم جي عروج وارو دور هو، جنهن ۾ جنگي ڏانءَ جا مُختلف قسم ۽ اٽڪلون استعمال ڪيون ويون. ويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ هن علم سان لاڳاپيل”گوريلا جنگ“ واري طريقي شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ قومن کي آزاد ڪرائڻ وارين تحريڪن کي ڪامياب بنائڻ کانسواءِ طاقتور قومن کي هيڻين قومن هٿان شڪستون ڏياريون. ويٽنام، افغانستان ۽ آفريقي کنڊ ان ڏس ۾ روشن مثالن طور پيش ڪري سگهجن ٿا. هونئن ته هي علم قديم چين جي عظيم جنگي ڏاهي ’سُن زو‘ ( Sun Tzu )جي وقت کان پنهنجو وجود رکي ٿو، پر اڻويهين صديءَ ۾ هن علم جي جرمن ماهر ’ڪلاز وٽز‘ جي حوالي سان ان کي جديد دور جي سياسي ۽ فوجي سرشتن ۾ مڃتا ملي، ڪلاز وٽز جو خيال هُئو ته رياستي پاليسيون ۽ جنگ هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن ۽ انهن کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي، تنهنڪري رياست لاءِ ضروري آهي ته اُها جديد کان جديد تر سوچ سان پنهنجن فوجن کي نه رڳو سنواري، پر ان کي مُناسب وقت ۽ جاءِ تي هنرمنديءَ سان استعمال ڪرڻ کان به نه گهٻرائي، 1945ع ۾ نيوڪليائي هٿيارن جي ڊوڙ ڪُجهه وقت لاءِ هن علم جي اڻپوري هجڻ جا سوال اُٿاريا، پر اهڙو خال هن علم جي ماهرن نيوڪليائي برابري (Deterrence) جهڙا ويچار پيش ڪري ڀريو. ان حوالي سان نئين دور ۾ Security Sciences اهي هڪ مضبوط علمي روپ وٺي اُڀريون آهن. اهڙي طرح اڄوڪي دور ۾ به جنگي هُنرجو علم ”جنگي اڀياس“ جي حوالي سان اهميت رکي ٿو. پوءِ به اهي امڪان آهن ته Security Sciences ايتريون سگهاريون ٿي وڃن جو، هي علم به هڪ حصي طور باقي رهي


Remember Me Also:

دنبو ٿيڻ

ٿلهو ٿيڻ ، متارو ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal